عمرڪوٽ ( ڊ ر ) عمرڪوٽ ۾ نوجوان رمضان مري جو مبينه قتل جو سنسني خيز مامرو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس زال ۽ ان جي مبينا چاھيندڙ سميت چار ڄڻا ملوث نڪتا آهن، جن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب 28 ورهين جي رمضان مري جو لاش سندس گهر مان هٿ آيو، جنهن بابت اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فريادي خادم علي مري پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ رمضان مري ٽي سال اڳ شمشاد مري سان شادي ڪئي ۽ عمرڪوٽ ۾ زال سان گڏ رهندو هو، رمضان مري پنهنجي ڀاءُ کي شڪايت ڪئي هئي ته سندس زال شمشاد مري ۽ ڪيلاش ميگھواڙ وچ ۾ ناجائز تعلقات آهن، جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا منع ڪرڻ باوجود، نه ته ڪيلاش باز آيو ۽ نه ئي سندس زال ڪنهن به ڳالهه تي ٻڌڻ لاءِ تيار هئي، فريادي جو چوڻ آهي ته هن شمشاد مري جي مائٽن سان به ڳالهه ڪئي، پر انهن الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، خادم علي مري موجب 6 اپريل تي جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي گهر پهتو ته اتي دلشاد مري، فضل مري ۽ ڪيلاش ميگھواڙ موجود هئا، جن رمضان مري جي ڳچيءَ ۾ ٽوال وجهي، ٻنهي پاسن کان ڇڪي رهيا هئا، فريادي موجب رمضان مري کي سندس زال شمشاد مري، ڪيلاش ميگھواڙ، دلشاد مري ۽ فضل مري گڏجي ناجائز لاڳاپن جي ڳالھه کي لڪائڻ لاءِ هم صلاح ٿي قتل ڪيو، واقعي بابت عمرڪوٽ ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس مقتول جي زال شمشاد مري ۽ ڪيلاش ميگھواڙ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب گرفتاري جلد ظاهر ڪئي ويندي، جڏهن ته باقي جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.