لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ بيواهه کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خالد اسحاق، صديقان بي بي جي اپيل تي فيصلو جاري ڪيو.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عورت موجب مڙس جي وفات کانپوءِ ڀاءُ ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، 2011ع ۾ عورت ملڪيت ۾ حصي لاءِ ٽرائل ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ 2014ع ۾ عورت جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي هئي جنهن تي عورت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته بيواهه کي ملڪيت ۾ سندس حصو ڏنو وڃي.
Prev Post
You might also like