ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا طوبيٰ انور پنهنجي شاديءَ لاءِ جيون ساٿي جون خاصيتون ٻڌائي ڇڏيون.
طوبيٰ انور هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگي ۽ شوبز انڊسٽري بابت گفتگو ڪئي.
ميزبان طرفان اداڪارا کان جيون ساٿي بابت سوال پڇيو جنهن جي جواب ۾ طوبيٰ انور چيو ته ” هوءَ سمجهي ٿي ته جيون ساٿي لاءِ سٺي صحبت واروانسان جو هجڻ ضروري آهي، وقتي طور اسان کي ڪجهه ماڻهو وڻندا آهن پر انهن سان ڊگهو رشتي ۾ رهڻ ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ٻنهي جي وچ ۾ سٺي دوستي ناهي هوندي، ڳالهائڻ لاءِ سٺا موضوع ناهن هوندا.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ” جيڪڏهن مان ڪنهن سان زندگي گهارڻ بابت سوچينديس ته اِهو ضرور ڏسنديس ته هن اسان منهنجي دوست آهي آهي يا نه، عزت وارو رشتو آهي يا نه، پڙهيل لکيل انسان هجي، سٺي ڪمائڻ کانسواءِ اهڙو لائيف پارٽنر هئڻ گهرجي جيڪو سڪون ڏئي.“
واضح رهي ته اداڪارا طوبيٰ انور 2018ع ۾ ٽي وي ميزبان مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت سان ٿي هئي ۽ 2022 ۾ اداڪارا کائنس طلاق ورتي هئي.
You might also like