ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ باهه لڳڻ سبب 20 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا.
ريلوي ڪالونيءَ جي برڊ لائين ۾ رات دير سان هڪ گهر ۾ باهه لڳي، جيڪا تيزيءَ سان ٻين گهرن تائين به پکڙجي وئي.
باهه سبب سولنگي برادري جا 20 کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا ۽ گهرن ۾ پيل سمورو سامان، ٻڪريون توڙي ڪڪڙيون به سڙي مري ويون.
متاثرن دانهيندي چيو ته باهه سبب اسان جو سڀ ڪجهه سڙي ويو پر فائر بريگيڊ گاڏي جو رستو نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي ڪجهه فاصلي تي بيهي رهي، اسان جي مدد ڪئي وڃي.
You might also like