ڪراچي: ڪار کي ٽڪر هڻڻ تي عورت جي ٽرالر ڊرائيور تي فائرنگ، ٻئي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ لگزري گاڏي کي ٽڪر هڻڻ تي عورت ٽرالر ڊرائيور تي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس ٽرالر جي ڊرائيور ۽ عورت ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب عورت ۽ ٽرالر ڊرائيور کي ٿاڻي منتقل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي هڪ ئي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن موجب عورت ۽ ٽرالر ڊرائيور ٻئي لاپرواهي ۽ غفلت ۾ گاڏي هلائي رهيا هئا، ٽرالر اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار کي پاسو لڳي ويو، جنهن تي عورت ڪاوڙ ۾ اچي پسٽل ڪڍيو ۽ فائرنگ ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته عورت موقعي تي نائن ايم ايم پسٽل جو لائسنس پيش ڪيو پر اهو ايڪسپائر ٿيل آهي، جڏهن ته لائسنس اصل هجڻ جي به تصديق ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.