نئون ديرو: پ پ چيئرمين بلاول 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ”پاڪستان کپي“ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بچائڻ جو نعرو سڄي ملڪ ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو قوم پرستي يا لسانيت جي نالي تي نفترتون پکيڙڻ چاهين ٿا. اسان کي ڀائرن کي گڏ ويهارڻو آهي. هن خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان بچايو جي نعري سان هر ڊويزن ۾ ويندا، پهرين ريلي حيدرآباد مان شروع ٿيندي، وفاق بچائينداسين، پاڪستان بچايو، توهان کي 18 اپريل تي حيدرآباد اچڻو آهي، ڇا توهان پاڻي جي ورڇ واري جدوجهد ۾ منهنجو ساٿ ڏيندا؟ سنڌوءَ مان ڪينال ٺاهڻ جي هڪ طرفي رٿابندي ڪيل هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشت گردي خلاف وڙهڻو آهي.