اسلام آباد (حامد مير) پيپلزپارٽي اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿي ته پر تنقيد به ڪندي رهي ۽ هاڻي ڏچي ۾ پئجي چڪي آهي. خدشو هو ته شهباز حڪومت ڪو نه ڪو اهڙو ڪم ضرور ڪندي جنهن سان نه رڳو ن ليگ پر پ پ کي به سياسي نقصان ٿيندو، پ پ چاهي ها ته پيڪا ترميمي ايڪٽ منظور نه ٿئي ها پر پ پ حق ۾ ووٽ به ڏنا ۽ پوءِ لاتعلقي به ظاهر ڪئي. پيپلزپارٽي رياست جي اهم آئيني عهدن تي به آهي ۽ ٻئي پاسي احتجاج به ڪري ٿي، پاڻي جو مسئلو پيپلزپارٽي کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي ۽ پ پ کي سنڌ ۾ سياسي بقا خطري ۾ نظر اچي رهي آهي. 1981 ۾ محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ شروع ڪئي جيڪا ايم آر ڊي جي نالي سان مشهور ٿي. تحريڪ 1983 ۾ سنڌ ۾ زور پڪڙيو ته جنرل ضيا الحق مدد لاءِ جي ايم سيد وٽ وڃي پهتو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ هزارين ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ ان تحريڪ ڀٽو کي به جيئرو رکيو، ڇو ته ڀٽو جي ڦاهي تي سنڌ کي ڪاوڙ هئي. 42 سالن کانپوءِ وري هڪ تحريڪ جنم وٺي رهي آهي، اها سنڌو درياهه جي پاڻي کي بچائڻ جي تحريڪ آهي، جڏهن پيپلزپارٽي تي الزام لڳايو پيو وڃي ته هن پارٽي سياسي مفادن لاءِ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو. حڪومتي ذريعن ايڪنڪ جي گڏجاڻي جا منٽس ليڪ ڪري ڇڏيا جنهن ۾ ڪئنال منظور ڪيا ويا، وڏي وزير مراد علي شاهه انهن کي ڪوڙو قرار ڏنو. پ پ چيو ته هو وفاقي حڪومت کي ڪيرائي به سگهن ٿا، اها ڌمڪي ن ليگ لاءِ غير امڪاني هئي. مريم نواز جڏهن 15 فيبروري تي چولستان ڪئنال منصوبي جو افتتاح ڪيو ته آرمي چيف کي به دعوت ڏني وئي. ن ليگ جو خيال هو ته پ پ منصوبي جي مخالفت نه ڪندي، جڏهن پ پ مخالفت شروع ڪئي ته وفاقي حڪومت ايڪنڪ جي ميٽنگ جي منٽس ۾ غلطي کي مڃي ورتو ۽ چيو ته ايڪنڪ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال تي ڳالهيون ٿيون هيون، چولستان تي ڳالهيون نه ٿيون هيون، ڪئنال اصل ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو حصو آهن. ارسا جڏهن 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني ته سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر وزيراعظم کي خط لکي مخالفت ڪئي هئي. ارسا چوي ٿي ته چولستان ڪئنال کي چناب يا جهلم مان پاڻي ڏنو ويندو. پنجاب حڪومت چوي ٿي ته ستلج مان پاڻي کنيو ويندو، اتي ٻنهي جي موقف ۾ تضاد سان سازشي مفروضن جنم ورتو آهي ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف پاڻ به هڪ ڏچي ۾ ڦاسي چڪو آهي، ان ڏچي جو نالو پيپلزپارٽي آهي. مسئلو اهو آهي ته پيپلزپارٽي ته کين ڇڏي سگهي ٿي پر هو پيپلزپارٽي کي نٿا ڇڏي سگهن. بهتر هوندو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي معاملي کي طئي ڪيو وڃي. معاملو طئي نه ٿيو ته پيپلزپارٽي وٽ رڳو هڪ رستو آهي ته سڀ آئيني عهدا ڇڏي شهباز شريف جي حمايت تان هٿ کنيو وڃي. ائين نه ٿيو ته پيپلزپارٽي خلاف هڪ نئين ايم آر ڊي تحريڪ تيار بيٺي آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 04 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو