ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غير قانوني پناهگيرن ۽ افغان ڪارڊ هولڊرن جي پاڪستان ڇڏڻ جي مهلت ۾ رڳو 9 ڏينهن باقي رهجي ويا.
ذريعن موجب سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ قانوني ۽ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نيڪالي لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن، ٻئي مرحلي ۾ پهرين اپريل کان غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي بي دخل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين کي 15 فيبروري کان 31 مارچ تائين رضاڪاراڻي طور واپسي جي آڇ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب سنڌ حڪومت سيڪيورٽي، آپريشنل ۽ اسٽريٽيجڪ پلان تيار ڪري ورتو آهي، وفاق جي هدايت تي افغان شهرين جي ملڪ بدري جو پلان گهرو کاتي ۽ ڪمشنرن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هولڊنگ پوائنٽس به ٺاهيون ويون آهن.
ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي سربراهي ۾ هولڊنگ پوائنٽس ٺاهيون ويون آهن، هولڊنگ پوائنٽس ۾ بلديات کاتي جو عملو ۽ صحت کاتي جو پيرا ميڊيڪل اسٽاف مقرر هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن افغان قيدين جون سزائون پوريون ٿي چڪيون آهن، انهن کي به هولڊنگ پوائنٽ آندو ويندو.
You might also like