عمر ۾ 31 سالن جو فرق، رشميڪا کي مسئلو ناهي ته توهان کي ڇو؟ سلمان خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي فلمن ۾ ننڍي عمر جي هيروئنز بابت پهريون ڀيرو ردعمل ڏئي ڇڏيو.
سلمان خان اڄڪلهه عيد تي رليز ٿيندڙ پنهنجي نئين فلم ”سڪندر“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، فلم جي ٽريلر جي تقريب جي رونمائي ٿي، جنهن ۾ سڄي ڪاسٽ شرڪت ڪئي.
فلم ۾ سلمان خان سان گڏ مک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا رشميڪا جي عمر 28 سال ۽ سلمان خان جي عمر 59 سال آهي ۽ ٻنهي جي عمر ۾ 31 سالن جو فرق آهي.
هيروئن جي ننڍي عمر بابت سلمان خان چيو ته هيروئن ۽ منهنجي عمر ۾ 31 سالن جو فرق آهي، جڏهن هيروئن کي ۽ ان جي پيءَ کي مسئلو ناهي ته توهان کي ڪهڙو مسئلو آهي؟
هن رشميڪا ڏانهن ڏسندي چيو ته جڏهن ان جي شادي ٿي ويندي، کيس ڌيءَ ڄمندي، اها وڏي ٿي اسٽار بڻجي ويندي ته اها به مون سان ڪم ڪندي نه، کيس ماءُ اجازت ڏيندي نه؟ جنهن تي اداڪارا ڪنڌ لوڏيندي ها چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.