پاڙيسري جي گهر وڃڻ تي پيءُ 5 ورهين جي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر سيتا پور ۾ هڪ پيءُ 5 ورهين جي ڌيءُ پاڙيسري جي گهر وڃڻ تي حيوان بڻجي ويو ۽ هن ڌيءُ کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش جا ٽڪرا ڪري ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا.
پوليس موجب موهت نالي جوابدار پنهنجي ڏوهه بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، هن ٻڌايو ته ڌيءُ تاني پاڙيسرين سان ملڻ وئي هئي، جنهن سان منهنجو جهيڙو هو.
پوليس ٻڌايو ته 25 فيبروري تي ٻارڙي گهر ڀرسان گم ٿيڻ جو اطلاع وصول ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪري ان جي ڳولا لاءِ ٽيم جوڙي وئي.
پوليس کي ڳولا دوران ٻارڙي جي لاش جو هڪ ٽڪرو مليو ۽ ايندڙ ڏينهن تي ٻيا جسم جا ٻيا حصا به هٿ آيا، جنهن کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو ته ٻارڙيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس جي جاچ دوران جوابدار پنهنجي موبائل فون گهرواري کي ڏئي اوچتو گم ٿي ويو هو، پوءِ کيس پڪڙي جاچ ڪئي وئي ته ان ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته اڳ ۾ پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا هئا، جيڪي پوءِ خراب ٿي ويا، واردات واري ڏينهن ڌيءَ کي پاڙي وارن جي گهران ايندي ڏٺو ته کيس موٽر سائيڪل تي اڪيلائي واري هنڌ وٺي ويس ۽ قتل ڪري لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻني ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.