آئين ۾ مارشل لا جي ڪا اجازت ناهي: آئيني بينچ جو جج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي آئيني بينچ جي جج چيو ته مارشل لا آئين کان مٿانهون قدم آهي، ان جي آئين ۾ ڪا اجازت ناهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاهور بار ايسوسيئيشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل حامد خان دليل ڏنا.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته شهرين جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه؟ وڪيل حامد خان جواب ڏنو ته آرمي ايڪٽ 1952 ۾ آيو، ان کان اڳ پاڪستان ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهن ڳالهين جو ملٽري ٽرائل سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ملڪ ۾ ڪڏهن مارشل لا لڳو، ان جي ملٽري ڪورٽ ڪيس سان ڪهڙي لنڪ؟ آئين ۾ مارشل لا جي ڪا اجازت ناهي.
وڪيل حامد خان چيو ته مارشل لا جو ڪو نه ڪو طريقو ڪڍيو ويندو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مارشل لا جو رستو بند ٿيو.
جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته آئين ۾ مارشل لا ڪو ڪو ذڪر ناهي، مارشل لا آئين کان مٿانهون قدم آهي.
حامد خان چيو ته عام شهرين جي ٽرائل بابت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم 1967 ۾ آئي، ان وقت غير معمولي حالتون هيون، اوڀر پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه هئي، 1973 جو آئين اچڻ کانپوءِ ماضي جون ڳالهيون اڻ لاڳاپيل ٿي ويون.
جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته توهان جون ڳالهيون هڪ تاريخي حوالي جي حد تائين درست آهن، هتي اسان هڪ اپيل ٻڌي رهيا آهيون، جنهن ۾ ٻه شقون ڪالعدم ڪيون ويون، پنهنجي دليلن کي ان ئي حد تائين محدود رکو نه ته اسان ڪنهن ٻئي پاسي هليا وينداسين.
پوءِ آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.