لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شاهي قلعي ونڊسر ڪيسل ۾ هڪ هزار سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.
برطانوي ميڊيا موجب شاهي قلعي ونڊسر ڪيسل جي هڪ هزار سالن جي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي، جتي سوين مسلمان افطاري لاءِ گڏ ٿيا، افطار ڊنر ۾ 350 مسلمانن شرڪت ڪئي.
افطاري لاءِ سينٽ جارج هال ۾ دسترخوان وڇايو ويو، جيڪو رياستي مهمانن لاءِ مختص آهي، افطاري کان اڳ ونڊسر ڪيسل ۾ سج لٿي جي اذان به ڏني وئي.
مسلمانن شاهي قلعي ۾ افطاري تي شاهه چارلس جا ٿورا مڃيا.
Prev Post
You might also like