ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني خالد مقبول کي ”بي وس“ سربراهه قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪا حيثيت ناهي، اها پي ايس پي مافيا جي چنبي ۾ آهي، انهن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي وارو ڪم ڪيو آهي، مڪاني ادارن کي پراڻي ميئر تباهه ڪيو.
هن چيو ته پ پ جي ڪم جو ڪريڊٽ ايم ڪيو ايم کڻڻ چاهي ٿي، حددخلين کي روزگار سان نه جوڙڻ گهرجي، حددخلين جو خاتمو ڪرڻو آهي، ٽريفڪ جام ٿيندي آهي ته ماڻهو اسان جي خلاف ڳالهائيندا آهن.
Prev Post
You might also like