رمضان المبارڪ جي پهرين سحري تي ئي گيس گم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيس ڪمپنين جي اعلانن باوجود مختلف شهرن ۾ رمضان المبارڪ جي پهرين سحري تي گيس گم رهي ۽ ماڻهن ڏکيائين کي منهن ڏنو.
گيس فراهم ڪندڙ ادارن رمضان المبارڪ ۾ سحري ۽ افطاري مهل گيس فراهم ڪرڻ جا اعلان ڪيا هئا پر پهرين سحري تي ئي گيس گم رهي ۽ رڌ پچاءَ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.
سحري مهل گيس جي بندش سبب عورتن کي رڌ پچاءَ ۾ ڏکيائيون پيش آيون ۽ ماڻهن هوٽلن جو رُخ ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن سحري ڪرڻ بنا روزو رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.