نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ماکي جي مکين جي حملي ۾ 90 ورهين جي پيرسن عورت فوت ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو راجسٿان رياست جي ضلعي چتور ڳڙهه ۾ پيش آيو، ڪيلي ڳوٺ سان واسطو رکندڙ 90 ورهين جي امري ٻائي نالي عورت پنهنجي خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي ته اوچتو ماکي جي مکين مٿس حملو ڪيو.
ماکي جي مکين جي ڏنگن سان عورت سخت زخمي ٿي پئي، کيس علاج لاءِ فوري طور اسپتال پهچايو ويو پر هوءَ مکين جي زهر سبب موت جي منهن ۾ هلي وئي.
ان کانسواءِ مکين جي حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي.
Next Post
You might also like