رمضان ايندي ئي مهانگائي جو جِن بوتل مان نڪري آيو، هر شئي چوٽ چڙهيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ جو مهينو شروع ٿيندي ئي عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا.
ملڪ ۾ سڀاڻي پهريون روزو هوندو ۽ شهرين خريداري لاءِ بازارن جو رُخ ڪري ورتو.
بازارن ۾ سبزين ۽ ميون سميت عام واهپي جي شين جا اگهه ڏسي ماڻهن جا مٿي تي هٿ اچي ويا.
40 کان 50 رپيا ڪلو ملندڙ ٽماٽو 100 رپيا ڪلو ٿي ويو، بصر جو اگهه به ٻيڻو ٿي ويو، في درجن ڪيلا 300 رپيا ۽ صوف 450 رپيا ڪلو ٿي ويا.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زيتون 250 کان 400 رپيا ڪلو، نارنگيون 600 رپيا درجن ٿي ويون، اسٽرابيري 500 رپيا ڪلو ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.