هانگ ڪانگ مان آيل مسافرن وٽان لکن جون آءِ فونز برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ مان آيل مسافرن وٽان لکين رپيا ماليت جون آءِ فونز برآمد ڪيون ويون.
ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي 60 لک رپيا ماليت جي قيمتي 62 موبائل فونز جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪسٽمز اختيارين موجب 4 مسافر پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام ٽي جي 341 تي ڪراچي پهتا هئا، جن کي آءِ فونز جي سمگلنگ تي حراست ۾ ورتو ويو.
اختيارين ٻڌايو ته مسافرن وٽان 62 قيمتي آءِ فونز ۽ ڪٽ برآمد ٿيون آهن، جن جي ماليت 60 لکن کان وڌيڪ آهي، موبائل فونز قبضي ۾ ورتيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.