جيسن گليسپي، عرفان نيازي کي چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏائڻ تي حيران!

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو اڳوڻو هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ٻن پاڪستاني رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ نه ڏسي حيران ٿي ويو.
تازي انٽرويو ۾ جيسن گليسپي چيو ته نوجوان ٽيلينٽ عرفان نيازي ۽ سفيان مقيم جي شموليت سان دفاعي چيمپيئن پاڪستان کي وڏو فائدو ٿئي ها.
هن ٻنهي رانديگرن جي عدم شموليت تي حيرت جو اظهار ڪيو، خاص طور عرفان نيازي جي هارڊ هٽنگ ۽ فيلڊنگ جي تعريف ڪئي.
سندس چوڻ هو ته عرفان نيازي پاڪستان ۾ هارڊ هٽر ۽ ڪلين اسٽرائيڪرز مان هڪ آهي، هو بهترين فيلڊر به آهي، مان يقين نٿو ڪري سگهان ته کيس چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نه چونڊيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.