مريم نواز ۽ اداري خلاف پوسٽ ڪندڙ جوابدار فيصل آباد مان گرفتار

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائمز فيصل آباد ۾ ڪارروائي ڪري وزيراعليٰ مريم نواز ۽ اداري خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب جڙانوالا واسي جوابدار ملڪ مبين پنهنجي فيس بُڪ آءِ ڊي ذريعي سوشل ميڊيا تي مريم نواز ۽ اداري خلاف پوسٽ ڪئي هئي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدار کي جڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سينيئر ول جج ڪريمنل ڊويزن جوابدار کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.