اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ 4 نون وزيرن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ن ليگ جي حنيف عباسي ۽ طارق فضل چوڌري، بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي ۽ متحده قومي موومينٽ جي مصطفيٰ ڪمال کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حنيف عباسي کي ريلوي، طارق فضل چوڌري کي قومي صحت واري وزارت، خالد مگسي کي مواصلات ۽ مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت هن وقت خالد مقبول صديقي وٽ آهي، جڏهن ته ان وٽ تعليم واري وزارت جو به قلمدان آهي.
ذريعن موجب تعليم واري وزارت خالد مقبول صديقي وٽ رهندي.
You might also like