ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات سان موسم هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڌي وئي، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.
اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب پنجاب جي تخت گاهه لاهور سميت ٻين علائقن ۾ مينهن وسيو ۽ موسم ٿڌي ٿي وئي.
موسميات کاتي طرفان اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي سنڌ جي به ڪجهه شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر ۾ تيز هوائن سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو اهو اسپيل پهرين مارچ تائين جاري رهندو.
You might also like