مرتضيٰ وهاب اسپتال جي لفٽ ۾ ڦاسي پيو، عملي ۾ ٿرٿلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال جي دوري دوران لفٽ حادثي جو شڪار ٿي ويو.
ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر ۽ ٻيا اسپتال جي معائني دوران لفٽ ۾ سوار هئا ته گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي سوار ٿيڻ سبب لفٽ جهٽڪي سان هيٺ اچي وئي.
خوش قسمتي سان حادثي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، عملي فوري طور تي لفٽ جو در کوليو ۽ سڀني کي حفاظت سان ڪڍيو.
ذريعن موجب ميئر سميت سمورا ماڻهو 5 کان 10 منٽن تائين لفٽ ۾ ڦاٿل رهيا پر سڀئي محفوظ رهيا.
واضح رهي ته مرتضيٰ وهاب هيموفيليا سوسائٽي ٽريٽمينٽ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.