تيل ۽ گيس جي حوالي سان پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مقامي سطح تي قدرتي وسيلن جي دريافت ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، وزيرستان بلاڪ خيبر پختونخواهه ۾ گيس ۽ تيل جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن.
سپنوام ون کوهه مان روزانو 12.96 ملين ڪيوبڪ فٽ گيس دريافت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 20 بيرل ڪچو تيل پڻ دريافت ٿيو آهي.
سپنوام ون کوهه جي کوٽائي 28 مئي 2024 ۾ شروع ڪئي وئي هئي، گيس ۽ تيل جي وزيرستان بلاڪ ۾ نئين دريافت ماڙي انرجيز طرفان ڪئي وئي آهي.
ماڙي انرجيز موجب وزيرستان بلاڪ ۾ آپريٽر ڪمپني طور ڪم ڪري رهيا آهيون، آپريٽر ڪمپني طور وزيرستان بلاڪ ۾ 55 فيصد شيئرز هولڊر آهيون، جڏهن ته جوائنٽ ايڊوينچر ۾ او جي ڊي سي ايل ۽ او پي آءِ پڻ شامل آهن.
ماڙي انرجيز جو چوڻ آهي ته نئين دريافت ملڪ جي هائڊرو ڪاربن وسيلن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڪمپني نون هائڊرو ڪاربن وسيلن جي وڌيڪ ڳولا ۽ دريافت لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.