وي پي اين استعمال ڪندڙن لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وي پي اين سروس فراهم ڪندڙن کي لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، اهو قدم ڪاروباري ادارن کي وي پي اين جي قانوني استعمال جي سهولت فراهم ڪندو.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) وي پي اين سروس فراهم ڪندڙن کي لائسنس جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.
پي ٽي اي طرفان ٻن ڪمپنين جي درخواست تي لائسنس جاري ڪيا ويا، اهو قدم ڪاروباري ادارن کي وي پي اين جي قانوني استعمال جي سهولت فراهم ڪندو.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ڊيٽا جي سيڪيورٽي، پرائيويسي ۽ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهبو، پي ٽي اي ادارن کي ذميواري سان ڪنيڪٽويٽي جي مدد لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.