سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ خلاف سکر کان نڪتل پيرين پنڌ مارچ ڪراچي پهتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر) جو وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياءَ  تي 6 ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف سکر کان 28 جنوري تي نڪتل لانگ مارچ 27 ڏينھن گذرڻ کانپوءِ پيرين پنڌ ڪري ڪراچي پهچي ويو.

مارچ جي اڳوڻي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چني، اشرف بهيلم۔ ڪرن نظاماڻي۔ اسماعيل ناز نوتڪاڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، الاهي بخش بڪڪ، نواز خان زنئور ، سنڌي امداد، جڳديش آھوجا، شاعر مهر ڊٻائي ۽ ٻين سميت ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ ، سورٺ لوھار ، سورٺ سنڌو، تاج جويو ڪئي.

ان موقعي تي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپو پنهنجي خطاب ۾ چيو تھ سنڌو درياءَ سنڌو تھذيب جو اڏيندڙ عظيم درياءَ آھي ، پنجاب جا حڪمران اسان جي شھھ رڳ سنڌو درياءَ کي ڪٽڻ ۽ عظيم سنڌو تھذيب کي ميسارڻ جا منصوبا جوڙي رھيو آھي.

اسلم خيرپوري چيو ته پنجاب سنڌو تي 50 ڪئنال ، 9 ڊيم ٺاھي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا ، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ 60 لک آباد زمين گھٽجي 70 لک ايڪڙ بچي آھي.

اڳواڻن چيو ته سنڌو جي پاڻي تي پھريون حق سنڌين جو آھي. سنڌو جا وارث سنڌي آھن. پنجاب، سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي پنھنجي 66 لک ايڪڙ غير آباد زمين آباد ڪندو ۽ سنڌ جي 66 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي.

سندن چوڻ هو ته ارسا ڪئنالن جي لاءِ پاڻي فراھمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو ، اسان تڪراري  ايڪٽ کي  قبول نھ ٿا ڪريون.

هنن وڌيڪ چيو ته گرين پاڪستان انيشئيٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 92 لک ايڪڙ زمين پرڏيھي ڪمپنين کي ڏني ويندي ، ان ۾سنڌ جي 52 لک ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار کي ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.