منهنجي ۽ سعود جي ڀائيواري سٺي هلي رهي هئي پر..! محمد رضوان شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ڀارت هٿان شڪست جو جواز پيش ڪري ڇڏيو.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته اسان ٽاس کٽيو پر فائدو نه وٺي سگهياسين، سوچيو هو ته 280 تائين رنسون ٺاهينداسين پر ائين نه ٿيو، سعود شڪيل ۽ منهنجي ڀائيواري سٺي هلي رهي هئي پر اسان غلط شاٽ کيڏي وڪيٽون وڃايون، جنهن سبب 240 تائين محدود رهياسين.
هن چيو ته اسان کي فيلڊنگ ۾ به بهتري آڻڻي پوندي، گذريل ميچ ۾ به ڪيچ ڊراپ ٿي اهئا، غلطين تي ضابطو آڻينداسين ۽ ايندڙ ميچ ۾ ڪوشش ڪنداسين ته غلطيون نه ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.