”عمران خان به اسڪرين لڳرائي پڇتائيندو هوندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت هٿان بدترين شڪست تي نه رڳو ڪرڪيٽ شوقين پر اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ صحافي به تنقيد ڪري رهيا آهن.
صحافي عامر سعيد عباسي هڪ پوسٽ ۾ لکيو يا ته کٽڻو آهي يا نه سکڻو آهي، اسان هارائي نٿا سگهون، هڪ واهپيدار لکيو ته جيڪڏهن ڊاٽ بال جو ورلڊ ڪپ ٿئي ته پاڪستان کٽي ويندو.
واهپيدارن چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ فارم 47 جي سهولت به ناهي ته هارائڻ باوجود کٽرايو وڃي، ڪوهلي جي فارم خراب هجي ته پاڪستان سان سيريز رکو، هو فارم ۾ اچي ويندو.
عرفه فيروز ذڪي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته عمران خان به توبهه ڪري ڇڏي هوندي، هو به اڊيالا جيل انتظاميا کان ميچ لاءِ خاص اسڪرين لڳائڻ جي درخواست تي پڇتائيندو هوندو، جيل ۾ قيد دوران شايد ئي عمران خان تي اهڙو ذهني ٽارچر ٿيو هجي، جيڪو پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.