وار ڇڻڻ جو عمل قدرتي هوندو آهي، روزانو عام طور تي هر ماڻهو جا لڳ ڀڳ 100 ڇڻندا رهندا آهن.
پر ڪجهه ماڻهن جا ان کان به وڌيڪ تيزيءَ سان وار ڪرندا آهن، جيڪو ٿوري وقت کانپوءِ انهن جي مٿي تان سڀ وار ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڇڻندڙ وارن جو صحيح علاج ڳولڻ کان اڳ اهو سمجهڻو پوندو ته وار ڇڻڻ جا سبب ڪهڙا آهن.
جيڪڏهن توهان هر قسم جي دوائن، گهريلو نسخن ۽ ٻين طريقن جو استعمال ڪري ڏٺو آهي، پر پوءِ به ڪو فرق نٿو پوي، ته پوءِ ممڪن آهي ته هيٺين سببن مان ڪو هڪ توهان جي وارن جي ڪرڻ جو اهم ڪارڻ هجي:
غذائي کوٽ
گهڻي قدر وارن جي حد کان وڌيڪ ڇڻڻ کاڌي ۾ خاص جزن جي کوٽ سان ٿيندو آهي ، جهڙوڪ پروٽين، آئرن، وٽامن B12، ۽ وٽامن ڊي. جيڪڏهن اهي عنصر جسم کي گهربل مقدار ۾ نه ملن ته وار ڪمزور ٿي ڇڻڻ لڳندا آهن.
ذهني دٻاءُ
لڳاتار ذهني دٻاءُ نه رڳو جسم تي اثر وجهي ٿو پر وارن لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي. وڏي ذهني پريشاني يا ڪنهن سخت صدمو ڏيندڙ واقعي کانپوءِ وارن جو ڇڻڻ عام ڳالهه آهي. اهڙين حالتن ۾ وارن جا اسٽيم سيل غير فعال ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب نوان وار وڌڻ جو عمل به متاثر ٿئي ٿو.
دوائن جا نقصان
ڪجهه دوائون به وار ڇڻڻ جو سبب بڻجنديون آهن، جيئن رت کي ڇڊو ڪرڻ واريون دوائون، موهيڙن يا جسم جي ٻين داغن جي خاتمي واريون وٽامن A سان ڀرپور دوائون، انابولڪ اسٽيرائيڊز، دل جي بيمارين، ڊپريشن، هاءِ بلڊ پريشر، يا جوڙن جي سور جي دوائن جا نقصانڪار اثر به وارن جي ڇڻڻ جو سبب بڻبا آهن.
ٻارن جي پيدائش کانپوءِ
اميدواري دوران هارمونز وارن کي ڇڻڻ کان روڪيندا آهن، پر ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ جڏھن جسم نارمل حالت ۾ موٽندو آهي ته وارن جو ڇڻڻ تيز ٿي ويندو آهي. اهو هڪ عارضي عمل هوندو آهي، جيڪو عام طور تي هڪ سال يا ان کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿو.
جيڪڏهن توهان به غير معمولي طور تي وارن ڇڻڻ واري مسئلي جو شڪار آهيو، ته بهتر آهي ته ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان صلاح مشورو ڪيو، ته جيئن صحيح سبب ڳولي، گهربل علاج اختيار ڪري سگهو.