انتظار ختم، آءِ فون جي سستي ترين فون متعارف، بيٽري به طاقتور هوندي!

ايپل آءِ فون 16 سيريز جو سڀ کان سستو ماڊل واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
آءِ فون 16 اي کي ڪمپني طرفان 19 فيبروري تي متعارف ڪرايو ويو، جنهن ۾ هوم بٽڻ ناهي ڏنو ويو، اهڙي ريت هاڻ ايپل جون سموريون ڊوائسز هوم بٽڻ فري ٿي ويون آهن.
اها نئين گهٽ قيمت واري آءِ فون 2022 جي آءِ فون ايس اي جي جاءِ وٺندي.
آءِ فون ايس اي (2022) آخري آءِ فون هئي، جنهن ۾ ٽچ آءِ ڊي بٽڻ (هوم بٽڻ) ڏنو ويو هو ۽ ان سيريز جي نئين ماڊل کي آءِ فون 16 سيريز جو حصو بڻائي ايس اي سيريز کي ختم ڪيو ويو آهي.
ان نئين فون جي ڊيزائن آءِ فون 14 جهڙي آهي پر فيچرز جي لحاظ سان اها گهڻي حد تائين آءِ فون 16 جهڙي آهي.
فون جي اندر آءِ فون 16 واري اي 18 چپ موجود آهي، جڏهن ته ان ۾ 6.1 انچ جو ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي، معنيٰ اسڪرين جي لحاظ سان به گهڻي حد تائين آءِ فون 16 جهڙي ئي آهي.
فون جي بيڪ تي 48 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي ۽ ان لحاظ سان آءِ فون 16 کان پوئتي آهي.
پر اها ڪيمرا به 2x زوم جي سهولت فراهم ڪري ٿي، گهٽ ۾ گهٽ ايپل جي ته اها ئي دعويٰ آهي.
ايپل واعدو ڪيو آهي ته اها بيٽري لائف جي لحاظ سان هيل تائين جي سڀ کان بهترين آءِ فون آهي، جيڪا سنگل چارج تي آءِ فون 11 جي ڀيٽ ۾ 6 ڪلاڪ وڌيڪ هلندي.
اهڙي ريت ان جي بيٽري 2016 جي آءِ فون ايس اي جي ڀيٽ ۾ 12 ڪلاڪ وڌيڪ دير تائين ڪم ڪندي.
فون ان لاءِ ڪرڻ لاءِ واهپيدار فيس آءِ ڊي استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته چارجنگ لاءِ يو ايس بي سي سپورٽ ڏني وئي آهي.
آءِ او ايس 18 سان ليس فون ۾ ايپل انٽيليجنس ماڊل سپورٽ ڏني وئي آهي، مطلب واهپيدارن کي اي آءِ فيچر دستياب هوندا، جڏهن ته سائيڊ تي ايڪشن بٽڻ ڏنو ويو آهي پر ان کي ڪيمرا ڪنٽرول لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.
اهڙي ريت اها ايپل جي هيل تائين سڀ کان سستي آءِ فون پڻ آهي.
اها ايپل جي پهرين آءِ فون آهي، جنهن ۾ ڪمپني جو تيار ڪيل موڊيم استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو سيٽلائيٽ ڪنيڪٽويٽي جي سهولت به فراهم ڪري ٿو.
مطلب ان ۾ ايمرجنسي ايس او ايس، روڊ سائيڊ اسسٽنٽس، ميسيجز ۽ سيٽلائيٽ ذريعي فائينڊ ماءِ فون جهڙا فيچر استعمال ڪري سگهجن ٿا.
اها نئين آءِ فون اڇي ۽ ڪاري رنگ ۾ 28 فيبروري کان دستياب هوندي.
ان جي قيمت 599 ڊالرن کان شروع ٿيندي ۽ هن وقت دستياب ايپل جي سڀ کان سستي آءِ فون هوندي، جڏهن ته آءِ فون ايس 3 کي ڪمپني طرفان ختم ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.