سنڌ ۾ مفت سولر سسٽم ڏيڻ جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مفت سولر سسٽم ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪرڻ جي حوالي سان اهم خبر سامهون اچي وئي.
سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 2 لک سولر سسٽم جي ورهاست شروع ٿي چڪي آهي، 5 لک سولر سسٽم ڏيڻ جي اسڪيم هلندڙ سال شروع ٿيندي، جتي بجلي نٿي پهچي، اتي سولر سسٽم ڏينداسين.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته هر ڪنهن کي بجلي جي سهولت ڏني وڃي، هڪ سولر پارڪ ٺهي رهيو آهي، ماڻهن کي بجلي فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.