مسافر جهاز لينڊنگ دوران اونڌو، مسافر ٻاهر ڪِري پيا

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ مسافر جهاز رن وي تي لينڊنگ دوران اونڌو ٿي پيو ۽ ان ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ميناپولس مان اڏام ڀريندڙ جهاز جي منزل ٽورنٽو ۾ پيئرسن انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو، جهاز لينڊنگ دوران برف تي ترڪي پيو، امدادي ڪمن دوران جهاز تي باهه وسائڻ لاءِ اسپري به ڪيو ويو.
حادثي وقت جهاز ۾ 80 مسافر موجود هئا، جن مان هڪ ٻار سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻن جي حالت نازڪ آهي.
ظاهري طور واقعو رن وي تي پيل برف سبب پيش آيو پر اختيارين واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.