ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برسات وسائيندڙ سسٽم بلوچستان رستي پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو، جنهن کي ڏسندي موسميات کاتي ڪراچي جي حوالي سان به اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته اولهه سسٽم جي ملڪ جي مٿين حصن ڏانهن منتقلي سبب جمعي تي ڪراچي ۾ موسم جهڙالي ٿي سگهي ٿي.
ڪراچي ۾ اڄ ڏکڻ اولهه پاسي کان تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، هوائن جي رفتار 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب اولهه سسٽم تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات، جڏهن ته زيارت ۽ ڀرپاسي برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌي ٿيڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like