عدالت جو تاريخي فيصلو، 7 مهينن جي ٻاڙريءَ سان زيادي جي جوابدار کي موت جي سزا

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ڪلڪتي جي خاص عدالت زيادتي ڪيس جو تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
ڪلڪتي جي هڪ خاص عدالت راجيو گهوش نالي شخص کي 7 مهينن جي ننڍڙي ٻارڙي سان زيادتي جو ڏوهي قرار ڏيندي ان کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو.
عدالت ڏوهه کي ”انتهائي ناياب“ قرار ڏيندي متاثر ٻارڙي جي خاندان کي 10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو خوفناڪ واقعو ڪلڪتي جي برتولا علائقي ۾ 30 نومبر 2024 تي پيش آيو هو، جڏهن ته کير پياڪ ٻارڙي جي گم ٿيڻ جو اطلاع ان جي والدين ڏنو، جيڪي فٽ پاٿ تي رهندا هئا، ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد ٻارڙي ڦٽ پاٿ تي روئيندي سخت زخمي حالت ۾ هٿ آئي ۽ طبي معائني ۾ ٻارڙي سان جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو هو.
واقعي بعد پوليس فوري طور تي علائقي جا سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا ۽ ڏوهاري راجيو گهوش جي سڃاڻپ ڪئي، گهوش کي گذريل سال 4 ڊسمبر تي اولهه بنگال جي جهار گرام مان ان جي ڏوهه جي ڪجهه ڏينهن بعد گرفتار ڪيو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 26 ڏينهن ۾ عدالت ۾ چارج شيٽ پيش ڪرڻ سان گڏ جاچ تيزي سان مڪمل ڪئي وئي ۽ ڪيس کي تيز رفتاري سان هلايو ويو، جنهن جي ڪري ان جي جلد ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڊي اين اي شاهدين کي ڏسڻ بعد اطمينان ڪيو ۽ 17 فيبروري 2025 تي جوابدار راجيو گهوش کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو.
ٻئي طرف 7 مهينن جي متاثر ٻارڙي اڃا به نازڪ حالت ۾ آهي ۽ ڪلڪتي جي آر جي ڪار ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.