نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته زخم لڳڻ سان پيدا ٿيندڙ سور (تڪليف) کي موسيقي ٻڌڻ سان گهٽائي سگهجي ٿو.
ان حوالي سان گذريل هفتي ڇپيل هڪ تحقيق موجب ماهر ان نتيجي تي پهتا آهن ته موسيقي ڪنهن تڪليف (سور) جو ڌيان ٻئي طرف منتقل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪري تڪليف مان سڪون ڏئي سگهي ٿي.
محققن اهو به ڄاڻايو آهي ته ڪجهه گانن جو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو اثر ٿيو، برطانيا ۾ هر چئن مان هڪ شخص ڪنهن نه ڪنهن تڪليف ۾مبتلا هوندو آهي ۽ اين ايڇ اي (نيشنل هيلٿ سروس) جو سڀ کان عام علاج جو طريقو پين ڪلر، (سور ختم ڪرڻ واري دوا)، فزيو ٿراپي ۽ ٽاڪنگ ٿراپي هوندي آهي.
ڪئنيڊا جي ميڪ گل يونيورسٽي جي محققن طرفان ڪيل نئين تحقيق ۾ اهو سمجهيو ويو آهي ته موسيقي تڪليف ۾ راحت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هن تحقيق ۾ 60 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن کي هلڪي درجي جا اليڪٽرڪ (برقي) جھٽڪا ڏنا ويا، جيڪي محققن موجب ائين ئي آهن جئين ڪافي جي گرم ڪوپ جي ٻاهرين حضي کي ڇهڻ سان تڪليف ٿيندي آهي.
انهن مان ٽئين حصي جيتري ماڻهن کي چيو ويو ته هو خاموشي سان ويهي رهن، جڏهن ته ٻئي ٽئين حصي کي چيو ويو ته هو پنهنجي پسند جي موسيقي ٻڌن، جڏهن ته باقين پنهنجي مرضي جي موسيقي ٻڌي.
ان مان خبر پئي ته هر شخص جي هڪ الڳ قدرتي رڌم هوندي آهي ۽ هو ٻين کان مختلف موسيقي ٻڌندا آهن، جنهن کانپوءِ ماهرن موسيقي کي تيز يا آهستي ڪيو.
ان مان خبر پئي ته ڪنهن به قسم جي موسيقي ٻڌڻ سان مريض جي تڪليف ۾ گهٽتائي ايندي آهي، پر جن ماڻهن پنهنجي مرضي جي موسيقي ٻڌي انهن جي تڪليف (سور) ۾گهٽتائي به وڌيڪ ٿي.