وڪيلن جي عمران خان کي شڪايتن تي پارٽي اڳواڻن خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪجهه مرڪزي اڳواڻن وڪيلن طرفان باني عمران خان کي شڪايتون ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن وڪيلن جي شڪايتن، پيغام پهچائڻ، ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي اجلاسن ۾ انهن جي روين تي سوال اٿاريا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳواڻن الزام هنيو ته وڪيلن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪ ويٺل يوٽيوبرز جي لاءِ ڪم ڪندا آهن ۽ ٻاهرين ملڪ ويٺل يوٽيوبرز ڪجهه وڪيلن کي اندر جي ڄاڻ جي بدلي ۾ معاوضو ڏيندا آهن.
ذريعن موجب پارٽي ميمبرن الزام لڳايو ته ڪجهه وڪيل پارٽي جي الڳ الڳ گروپس جي لاءِ به ڪم ڪندا آهن.
پارٽي ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن پي ٽي آئي باني کي شڪايتن سميت وڪيلن جي معاملن جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي طرف ان حوالي سان مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي سياسي قيادت کي اڊيالا ۾ ملاقاتون ڪرڻ ناهن ڏنيون وينديون، صرف وڪيل ئي پي ٽي آئي باني سان ملاقات ڪندا آهن.
هن چيو ته سياسي قيادت عدالتن مان اجازت وٺي مشڪل سان ملاقاتون ڪري سگهندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.