افغانستان سان حڪومتي سطح تي ڳالهيون شروع ڪيون وڃن: علي امين جي قيادت ۾ سياسي اڳواڻن جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت ۾ سياسي قيادت جي اجلاس ۾ دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ افغانستان سان حڪومتي سطح تي ڳالهيون جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پشاور ۾ علي امين گنڊاپور جي صدارت ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل پاڪستان، متحده علما بورڊ خيبر پختونخواهه جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ امن، افغانستان ۾ امن سان مشروط آهي ۽ دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ افغانستان سان حڪومتي سطح تي ڳالهيون جلد شروع ڪيون وڃن.
اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ فرقيواراڻي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ سياسي ۽ مذهبي جماعتون گڏجي ڪم ڪن.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته امن جو قيام سڀ کان اهم آهي، قومي مفاد وقت جي اهم ضرورت آهي، ضلعي ڪرم جي مسئلي تي پائيدار حل جي لاءِ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي، تنهن ڪري حڪومت آئين جي حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي.
شرڪت ڪندڙ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو، امن امان کي هٿي ڏيڻ اسان سڀني جو مقصد آهي ۽ دهشتگردي معاملي تي قومي سطح تي سياسي قيادت جو گرينڊ اجلاس منعقد ڪيو ويندو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ خيبرپختونخواهه علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته قومي اتحاد ۽ اتفاق جي سخت ضرورت آهي، مشاورتي ڪائونسل ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندي.
هن جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه کي امن امان جي حوالي سان گهڻن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، صوبي ۾ حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ ٻاهرين سازشن جو عمل دخل آهي ۽ صوبي ۾ امن افغانستان جي صورتحال سان جڙيل آهي، افغانستان سان بامقصد ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي لاءِ جرڳو جوڙيو ويندو.
ڪرم جي حوالي سان علي امين جو چوڻ هو ته ڪرم ۾ ڪجهه عنصر پنهنجي مفاد جي لاءِ صورتحال کي خراب ڪري رهيا آهن، ڪي پي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن سان ڪرم ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.