سومر کان ڇا ٿيندو؟ شرجيل ميمڻ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف سومر کان ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سومر کان غير رجسٽرڊ گاڏيون بند ڪيون وينديون، شو روم مالڪ به رجسٽريشن کانسواءِ ڪا گاڏي شو روم مان نه ڪڍن.
هن چيو ته سومر کان هٿيارن جي نمائش تي گرفتاري ٿيندي، ڊبل ڪيبن جي پوئين حصي ۾ ڪنهن گارڊ کي به هٿيار جي نمائش جي اجازت نه هوندي.
ان کانسواءِ سنڌ ۾ فزيڪلي اَن فٽ گاڏين خلاف به ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هيوي گاڏين، ڊمپر، ٽرڪن، بسن ۽ ٽرالر لاءِ موٽر وهيڪل انسپيڪشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
ان حوالي سان سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ 4 هنڌن تي موٽر وهيڪل انسپيڪشن سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.