ڳوڙها هڪ جذباتي ردعمل آهن، جيڪو هر انسان ۾ قدرتي طور موجود آهي، ڳوڙها ڏک توڙي خوشي ۾ پاڻمرادو طور اکين مان نڪري اچن ٿا.
هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ رُنو ته ضرور هوندو پر انکي ان ڳالهه جي شايد خبر نه هوندي ته روئڻ به صحت لاءِ وڏو فائديمند آهي ۽ قدرت ان ۾ به ڪمال جي حڪمت رکي آهي.
ڳوڙها ڪيئن ۽ ڇو وهندا آهن، ڳوڙهن جو ذائقو چهرو ڇو هوندو آهي، ڳوڙهن ۾ صورت ۾ اکين مان نڪرندڙ پاڻي ڪاڏهون ۽ ڪهڙي ريت اچي ٿو اهو هڪ الڳ نظام آهي جنهن تي ڪنهن ٻي ڀيري ڳالهائيبو، اڄ اسان رڳو اوهان کي روئڻ جي ڪري اکين وهندڙ اٺ فائدن بابت ٻڌائينداسين.
1. وهندڙ ڳوڙها اکين آلو رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا جنهن سان اکين مان خشڪي ۽ ساڙو ختم ٿيندو آهي
2. ڳوڙها اکين مان دَز، ڌوڙ مٽي ۽ ٻيا ذرا ڪڍي اکين کي صاف ڪندا آهن.
3. ڳوڙهن ۾ لائزوزائيم نالي هڪ ڪيميڪل هوندو آهي جنهن ۾ اينٽي مائڪروبيل خاصيتون هونديون آهن جنهن جي ڪري اهو ڪيميڪل اکين کي انفيڪشن کان بچائيندو آهي.
4. ڳوڙها اکين جي مُک حصي ڪورنيا کي آڪسيجن ۽ غذائي جُز به فراهم ڪندا آهن.
5. روئڻ وارو عمل دٻاءَ واري هارمونز جهڙوڪ ڪارٽيسول جي نيڪالي ۾ مدد ڪندو آهي، جنهن جي ڪري روئڻ سان راحت ۽ سڪون جو احساس فراهم ٿئي ٿو.
6. ڳوڙها وهڻ آڪسيٽوسن ۽ اينڊورفنز جهڙي ڪيميڪلز جي نيڪالي کي متحرڪ ڪندو آهي جيڪو موڊ کي بهتر ڪري ۽ ڏک يا ڪا به تڪليف کي گهٽائڻ جو سبب هوندو آهي. مطلب ته ڳوڙها تڪليف ۽ ڏک گهٽائن ٿا.
7. جذباتي طور وهندڙ ڳوڙها عام طور ۽ پاڻمرادو طور وهندڙ ڳوڙهن کان مٽ هوندا آهن، ڇو ته انهن ۾ دٻاءَ واري هارمونز ۽ زهريلي مواد جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، روئڻ سان انهن مادن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
8. ڳوڙها وهڻ سان پيراسيمپيٿيٽڪ اعصابي نظام فعال ٿيندو آهي جنهن سان جسم کي آرام ملندو آهي ۽ جسماني سور گهٽجڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي.
9. ڳوڙها اکين کي صاف سٿرو رکڻ ۽ انهن جي چمڪ برقرار رکڻ ۾ به مدد ڪندا آهن جيڪو عمل وري ڊگهي ۽ تيز نظر جي لاءِ تمام ضروري آهي.
10. ڳوڙهن ۾ موجود لائزوزائيم ۽ ٻيا پروٽين اکين کي قدرتي طور تي محفوظ رکندا آهن جنهن سان انفيڪشن جا خطرا به گهٽبا آهن ۽ زهريلي بيڪٽيرياز يا جيت وغيره جي نقصانن کان به حفاظت ٿيندي آهي.
اهي ايڏا فائدا ٻڌڻ کانپوءِ توهان ٿورو اندازو لڳايو ته جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري انسان جي روئڻ وارو عمل قدرتي طور تي نه ٿئي ها ته اکين جي صحت لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪرڻا پئجي وڃن ٿا.