ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي سڄي صوبي جي نجي اسڪولن جي استادن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو.
تعليم کاتي نجي اسڪولن جي استادن کي پروفيشنل تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استادن کي ٽيچنگ لائسنس جاري ڪيو ويندو.
صوبائي تعليم کاتي، سنڌ ٽيچرز ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن جي ڀائيواري سان نجي اسڪولن جي هڪ لک 45 هزار کان وڌيڪ استادن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي.
پروگرام جي آگاهي جي حوالي سان تقريب ۾ نجي ۽ سرڪاري شعبن سان واسطو رکندڙ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي.
سيڪريٽري تعليم سنڌ زاهد عباسي چيو ته 10 سالن جي منصوبابندي تحت استادن جي تربيت مڪمل ڪنداسين.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن رفيعه جاويد ٻڌايو ته استادن کي تربيت کانپوءِ لائسنس جاري ڪيا ويندا.
You might also like