ريلوي مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي مسافرن لاءِ خوشخبري آهي ته شاهه حسين ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ريلوي انتظاميا ڪراچي ڪينٽ ۽ لاهور وچ ۾ هلندڙ شاهه حسين ايڪسپريس کي 25 فيبروري کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
شاهه حسين ايڪسپريس ڪراچي ڪينٽ کان رات 7 لڳي 30 منٽن تي رواني ٿي حيدرآباد، روهڙي، بهاولپور، لوڌران، خانيوال، فيصل آباد کان ٿيندي ايندڙ ڏينهن ٻه لڳي 15 منٽن تي لاهور ريلوي اسٽيشن پهچندي.
شاهه حسين ايڪسپريس لاهور کان رات 7 وڳي رواني ٿي ٻه لڳي پنج منٽن تي ڪراچي ڪينٽ پهچندي.
ٽرين 10 اڪانامي ڪلاس ڪوچن، 2 اي سي بزنس، 2 اي سي اسٽينڊرڊ، هڪ پاور پلانٽ ۽ هڪ برين وين تي ٻڌل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.