آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي حڪومت جي وضاحت اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي وضاحت ڏئي ڇڏي.
ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آءِ ايم ايف وفد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي ججن سان نه، ان جو جڊيشل سڌارن جو پروگرام آهي.
هن چيو ته هتان آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويندا آهن، عالمي مالياتي فنڊ طرفان چيف جسٽس کان وقت گهريو ويو هو، هنن گورننس ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس کين جڊيشل سڌارن کان آگاهه ڪيو، وفد نه ڪنهن ڪيس جو پڇڻ ويو ۽ نه ڪو ڪيس ڪيو، چيف جسٽس چيو ته پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيو ته جيئن انصاف جو ڪم بهتر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.