نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي گهر وارن طرفان موبائل فون جي استعمال کان روڪڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو وقعو بينگلور شهر ۾ پيش آيو، جتي ڏهين جماعت جي شاگردياڻي 15 ورهين جي اونتيڪا چوريسا گهر وارن طرفان موبائل فون جي استعمال کان روڪڻ تي 20هين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اونتيڪا جا ساليانا امتحان اچڻ وارا هئا ۽ پڙهائي ۾ ان جا نمبر گهٽ اچي رهيا هئا، هوءَ پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ بدران موبائل کي گهڻو وقت ڏيندي هئي، جيڪو سندس ماءُ کي پسند نه هو.
ماءُ ڌيءَ کي فون جو استعمال گهٽ ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن تي اونتيڪا ڪاوڙ ۾ اچي اپارٽمينٽ جي 20هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
You might also like