اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا تي اسان جو موقف واضح آهي، ڪشمير مسئلي تي ترڪي سدائين پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان قبرص جي معاملي تي سدائين ترڪيه جي موقف جي حمايت ڪري ٿو.
وزيراعظم هائوس ۾ ترڪ صدر سان گڏ پاڪ – ترڪي 24 معاهدن ۽ ايم او يوز جي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته رجب طيب اردگان کي ڀليڪار چوان ٿو، اميد ته اهو دورو پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ترڪي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رهيو، ترڪ صدر ٻوڏ دوران مدد ڪري پاڪستاني عوام جون دليون کٽي ورتيون.
سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ پائيدار ڀائيواري کي هٿي ملي رهي آهي ۽ ٻنهي جا لاڳاپا نين بلندين کي ڇُهي رهيا آهن.
You might also like