جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ لانچنگ کانپوءِ دنيا لاءِ ڪائنات جا شاندار منظر پيش ڪري ڇڏيا.
جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ پنهنجي لائوچنگ کانپوءِ سڄي دنيا جي سائنسدانن ۽ عوام کي ڪائنات جا شاندار منظر پيش ڪري رهي آهي.
اهڙي ئي هڪ تصوير جيمز ويب طرفان پروٽو اسٽار ايڇ ايڇ HH30 30 لانچ ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ ستارو بڻجڻ جي مرحلي ۾ آهي ۽ حيرت جوڳي نون تفصيلن سان گڏ آهي.
هي سڀ کان پهرين هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ جو استعمال ڪندي دريافت ڪيو ويو هو پر هي ستارو رڳو هڪ ڪارو سالماتي ڪڪر لڳي ٿو.
مٿي ڄاڻايل تصوير ۾ پروٽو پلينٽري ڊسڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن جي پاسي تي گيس ۽ دز جا گڏيل نيڪال هڪ سوڙهي جيٽ اسٽريم خلا ۾ خارج ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ هن وقت تائين سڀني کان جديد ترين خلائي دوربين آهي.
ان کي پنجويهه ڊسمبر 2021 تي لانچ ڪيو ويو هو ۽ هي زمين کان لڳ ڀڳ 1.5 ملين ڪلوميٽر پري سج جي چوڌاري چڪر لڳائيندي آهي.