افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊڙ گلبدين نائب محمد عامر جي عمل تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ ضروري آهي.
انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ليگ جي فائنل دبئي ڪيپيٽلز ۽ ڊيزرٽ وائپرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جتي وائپرز جي فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي ٻئي اوور ۾ ئي گلبدين نائب کي رڳو 5 رنسن تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو.
وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر نائب جي سڃاڻپ بڻيل جشن جي نقل ڪئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداح ۽ ڪرڪيٽ تجزيي نگار پڻ تبصرا ڪري رهيا آهن.
محمد جي عمل تي ردعمل ڏيندي افغان آل رائونڊر چيو ته ” مان سدائين چوندو آهيان ته ڪرڪيٽ جئنٽلمين راند آهي، هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ کپي.“
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ” جيڪڏهن توهان ڪنهن جي عزت نه ڪندئو ته ڪير توهان جي به عزت نه ڪندو، هو ڄاڻي ٿو ته کيس اهڙي عمل سان ڪيتري عزت ملي، هڪ ڪرڪيٽر ۽ انسان طور سڀني جي عزت ڪرڻ گهرجي.“
واضح رهي ته محمدعامر جي زبردست بالنگ باوجود دبئي ڪيپيٽلز آخري اوور ۾ فتح ماڻي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ جو پهريون ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
فائنل ۾ رومن پائول 38 بالن تي63 رنسن جي جارحاڻي اننگز ۽ آخر ۾ سڪندر رضا جي تيز بيٽنگ دبئي ڪيپيٽلز کي چيمپيئن بڻايو.
You might also like