فضل الرحمان اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قبيلائي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پشاور ۾ پشتون قومي جرڳي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ خيبر پختونخواهه ۾ امن ناهي، آئين چئي ٿو ته اسلامي نظام هوندو، اسلام جي خلاف ڪو قانون نه ٺهندو، ملڪ ۾ بي عمل جمهوريت آهي، آئين ۽ قانون تي ڪير عمل ڪندو آهي؟
هن چيو اسان ديني مدرسن لاءِ مارچ ڪري سگهون ٿا ته قبيلائين لاءِ به ڪنداسين، اسان پاڪستان ۽ آئين جا وفادار آهيون پر جبري فيصلا نه مڃينداسين، سياست ۾ تشدد خلاف آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.