سائنسدانن نئين تحقيق ۾ دريافت ڪيو آهي ته معدي ۽ دماغ جي وچ ۾ تعلق موجود آهي، نه رڳو ايترو اهو عمل مختلف دماغي بيمارين کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
آئرلينڊ جي يونيورسٽي ڪاليج ڪارڪ ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معدي ۽ دماغ جو هڪ خاص تعلق آهي جيڪو ڊپريشن ۽ پريشاني جهڙين بيمارين جو خطرو گھٽ ڪري ٿو.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي آنڊن ۾ موجود کربين بئڪٽيريا، دماغي صحت تي اثرانداز ٿين ٿا. انساني آنڊن ۾ موجود بئڪٽيريا، فنگس ۽ ٻيا ننڍا جاندار نه رڳو هاضمي ۽ مدافعتي نظام ۾ مدد ڪندا آهن، پر اهي اسان جي دماغي صحت ۽ سوچڻ واري انداز تي پڻ اثر ڇڏيندا آهن.
تحقيق ۾ شامل ماهر جان ڪرائن ٻڌايو ته اهي ننڍا جاندار اسان جي جسم ۾ غذائي جزن کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن، پر ان سان گڏ، اهي بئڪٽيريا ۽ ٻيا جاندار دماغي صحت ۽ ماڻهن جي روين تي به اثر انداز ٿيندا آهن.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اهي بئڪٽيريا دماغي بيمارين جهڙوڪ ڊپريشن، پريشاني ۽ schizophrenia جي علاج ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته فائبر سان ڀرپور غذا، پروبائيٽيڪس جو استعمال ۽ سٺي ننڊ انهن بئڪٽيريا ۽ ٻين جاندارن جي تعداد ۾ توازن برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا جيڪي اسان جي جسم لاءِ فائديمند آهن.