راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هر 25هون شهري هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا نڪتو.
ڪُل آبادي جو 4.05 سيڪڙو ان مرض ۾ مبتلا آهن، جن ۾ 3.33 سيڪڙو نوجوان، 4.42 سيڪڙو بالغ شهري، هڪ ڏهائي 48 سيڪڙو ٻار شامل آهن، منشيات جي عادي ماڻهن ۾ اها شرح 43.42 سيڪڙو آهي.
لوڪلائز هيپاٽائٽس ايليمينيشن اينڊ پريونشن پروگرام جي رپورٽ موجب راولپنڊي جي 7 يونين ڪائونسلن ۾ هيپاٽائٽس روڪ مهم ۾ 10 هزار 347 گهرن ۾ 47 هزار 728 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، 2048 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتن ۾ هيپاٽائٽس سي ۽ بي جي تصديق ٿي، جڏهن ته 22 ماڻهو هڪ ئي وقت هيپاٽائٽس بي ۽ بي ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ٿي.
پروگرام جي سي اي او ڊاڪٽر انصر اسحاق موجب هيپاٽائٽس جو شڪار ڳورهاري عورتن جو انگ 8 رهيو، هيپاٽائٽس جي شڪار سڀني مريضن جون پي سي آر ٽيسٽون ڪيون ويون.
رپورٽ موجب راولپنڊي ۾ 2048 کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائٽس جو شڪار آهن، مختلف مرضن جي شڪار ماڻهن جي اها شرح 46.92 سيڪڙو آهي.
You might also like