اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپانسرڊ افغان شهرين جي آبادي لاءِ لاڳاپيل ملڪن کي خط لکي ڇڏيو.
گهرو وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين سميت سڀني غير قانوني پرڏيهي شهرين کي واپس موڪليو پيو وڃي ۽ اسلام آباد مان 781 غير قانوني افغان شهرين کي طورخم رستي افغانستان موڪليو ويو.
ذريعن موجب پرڏيهين کي انهن جي ملڪ غير قانوني فارنر ريپيٽريشن پلان تحت موڪليو پيو وڃي پر اهي افغان پناهگير، جن کي اسپانسرڊ ملڪن ۾ سيٽل ٿيڻو آهي، انهن کي بي دخل ناهي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت ذريعي اسپانسرڊ ملڪن کي افغان شهرين جي آبادڪاري لاءِ خط لکيو ويو آهي، جيڪڏهن اسپانسرڊ ملڪن عبوري طور پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي نه گهرايو ته کين بي دخل ڪيو ويندو.
You might also like