حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جي چئن ايس ايڇ اوز احتجاجي طور هڪ مهيني جي موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي.
موڪل جي درخواست ڏيندڙن ۾ انسپيڪٽر جنيد عباس ايس ايڇ او مارڪيٽ ٿاڻو، انسپيڪٽر عبدالرزاق پٺاڻ ايس ايڇ او ڪينٽ ٿاڻو، انسپيڪٽر طاهر حسين مغل ايس ايڇ او بي سيڪشن ۽ انسپيڪٽر محمد فهيم فتح انچارج لطيف آباد شامل آهن.
ايس ايڇ اوز جي موڪل جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وڪيلن پنهنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ ڌرڻو هنيو، وڪيلن جي ڌمڪين ۽ گارين سان پوليس جي ساک متاثر ٿي، فرضن جي ادائيگي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ايس ايڇ اوز موجب پوليس کاتي جي تذليل ڪئي وئي، ڪرمنل مائينڊ جا ماڻهو طعنا ڏئي رهيا آهن، پوليس جو وقار مجروح ٿيو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وڪيلن ايس ايس پي آفيس ۾ ڌرڻو هنيو ۽ ڪيس واپس وٺڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو هو.
وڪيلن جو ڌرڻو: حيدرآباد جي ايس ايڇ اوز احتجاجي طور موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي
You might also like